سکر (بيورو رپورٽ) ٻوڏ متاثرن جي نالي تي کاڌ خوراڪ جو سامان وڪرو ڪرڻ وارو معاملو، ايف آءِ اي سکر زونل مئنيجر يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن شھزاد خان، اڳوڻي ريجنل مئنيجر سميت ٻين کان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. زونل مئنيجر ايف آءِ اي جاچ آفيسر وٽ پھچي پنھنجو بيان رڪراڊ ڪرائي ورتو. جڏھن ته اڳوڻي ريجنل مئنيجر ۽ ٻين کي پڻ ايف آءِ اي طرفان بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پڻ لکيو ويو. واضح رھي ته ڪجھه ڏينھن اڳ يوٽيلٽي ڪارپوريشن جو سرڪاري سامان ٻوڏ متاثرن لاءِ کڻي دڪانن تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو ھو، سرڪاري سامان جي پيڪنگ تبديل ڪرڻ دوران پوليس ڇاپو ھڻي ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري راشن جا ٿيلها هٿ ڪيا هئا. حد جي پوليس توڙي ايف آءِ اي طرفان ايف آءِ آر داخل ٿيل آھي. جڏھن ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ھيڊڪوارٽر توڙي زونل مئنيجر سکر طرفان به معاملي جي ڌار ڌار جاچ ھلندڙ آھي.