نيوڇور (ن پ ا) نيوڇور ھاءِ اسڪول ۾ پڙهائي واري وقت دوران اوباش نواجوان لٺ ۽ پٿر کڻي اسڪول ۾ داخل ٿي ويو، شاگردن ۽ استادن تي پٿرن سان حملو، روڪڻ تي استادن سان بدتميزي، جھيڙي سبب شاگردن ۾ خوف پيدا ٿي ويو. اطلاع باوجود نيوڇور پوليس نه پھتي. واقعي جي اطلاع تي شھري گڏ ٿي ويا. بعد ۾ اسڪول کان بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ان موقعي تي استاد امين سومرو، يوسف سومرو، ٿانارام سوٽھڙ، عيدل ڪنڀار، ارجڻ بجير، ڪيلاش بجير ۽ ٻين چيو ته جمن سومرو نالي اوباش نوجوان بناجواز اسڪول ۾ داخل ٿي شاگردن تي پٿراءُ ڪرڻ سان گڏ استادن سان پڻ بدتميزي ڪئي ۽ روڪڻ تان وڌيڪ مڇرجي اسڪول جي در درين ۽ ٻئي سامان جي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي، جنھن سبب ٻارن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ٿي ويو، ٻارڙا ۽ ٻارڙيون احتجاج ڪندا اسڪول کان ٻاهر نڪري آيا. اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس اوباش نواجوان خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. ھنن سيڪريٽري تعليم ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته شاگردن ۽ استادن تي حملي جو نوٽيس وٺي اوباش نوجوان کي گرفتار ڪيو وڃي.