ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) جناح اسپتال ۾ 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرن جي مقرري وارو مامرو نبرجي نه سگهيو، ڪالهه جناح اسپتال جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سڪندر حيات صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي کي خط لکي دانهيو ته تازو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مان ڊپٽي ڊائريڪٽر (ايڊمن) طور ترقي ماڻيندڙ رياض گِل جي ترقي غيرقانوني آهي، هن خط ۾ لکيو آهي ته سينارٽي ۽ ڊگري جي بنياد تي ترقي جو اصل حقدار آئون آهيان، رياض گِل کي ترقي ڏئي غيرقانوني قدم کنيو ويو آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته رياض گِل جي مقرري وارو معاملو به غيرقانوني آهي، رياض گِل کي ڏنل ترقي فوري طور تي واپس وٺي، مون کي ترقي ڏني وڃي. واضح رهي ته انهي کان اڳ پيپلز ڊاڪٽرز فورم، جناح اسپتال جي ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف به ن صحت کاتي کي الڳ الڳ خط لکي رياض گِل جي ترقي کي غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.