ڪراچي (نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، ٺٽي ۾ 10 ڏينهن اڳ ڪتي ڏاڙهيل نوجوان ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ٺٽي شهر جي پاڙي بخاري جي رهواسي ۽ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي ملازم رمضان ملاح جي 23 ورهين جي نوجوان روشن ملاح کي 10 ڏينهن اڳ ڇتي ڪتي منهن واري حصي ۾ ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو هو، جنهن کي علاج لاءِ ڪراچي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، ٻئي پاسي نوجوان جو لاش گھر ٺٽو پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نوجوان کي آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ خان ڪٽو جي رهواسي علي گل چانڊيو کي راھ ويندي رولو ڪتي حملو ڪري کيس ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، زخمي کي جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ بهادر ڀنڊ ۾ ڪتي معصوم نينگر ڪفايت الله ولد صدورو جلباڻي کي منهن ۾ چڪ هڻي رتورت ڪري ڇڏيو. نينگر کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.