انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ پاڪستاني ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان

0
435

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۽ انگلينڊ خلاف 3ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي جڏهن ته ويسٽ انڊيز خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2ٽيسٽ مئچز کيڏيون وينديون، اسڪواڊ ۾ حارث سهيل ۽ عماد وسيم قومي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته محمد عباس ۽ نسيم شاهه ٻيهر ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، اعظم خان پهريون ڀيرو ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۽ سلمان علي آغا قومي ون ڊي انٽرنيشنل اسڪواڊ ۾ شامل ٿيو آهي، ياسر شاهه جي قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شموليت فٽنس سان مشروط آهي، ون ڊي مئچز جي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان) شاداب خان (نائب ڪپتان) عبدالله شفيق، فهيم اشرف، فرخ زمان، حيدر علي، حارث رئوف، حارث سهيل، حسن علي، امام الحق، محمد حسنين، محمد نواز، محمد رضوان، سلمان علي آغا، سرفراز احمد، سعود شڪيل، شاهين شاهه آفريدي ۽ عثمان قادر شامل آهن، ٽي ٽوئنٽي ۾ ارشد اقبال، اعظم خان، محمد حفيظ، شرجيل خان شامل آهن، ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي، زاهد محمود ڀٽي کي شامل ڪيو ويو.