مٺي (رپورٽر) مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڀڪوئو ۾ زهريلو لسي پيئڻ سبب لنجا برادري جي هڪ ئي خاندان جا 11 گهرڀاتي بيهوش ٿي ويا. لسي پيئڻ سبب کين دست ۽ الٽيون شروع ٿي ويون، جن مان 7 مريضن کي مٺي سول اسپتال ۽ 4 ڄڻن کي ڀڪوئو بي ايچ يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. زهريلي لسي پيئڻ سبب متاثر ٿيلن ۾ حسن لنجو، دلبر لنجو، راحب، محبت، سليم، نصيبان، نبيلان سميت 11 ڄڻا شامل آھن. ڊاڪٽرن موجب ڳوٺاڻن زهريلي جيت مليل لسي پيتي، جنهن ڪري سندن طبيعت خراب ٿي، هاڻي سندن طبيعت خطري کان ٻاهر آھي. سندن علاج ڪيو پيو وڃي.