حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ سٽي ٿاڻي جي اهلڪارن پاران پورهيتن کان مبينا طور ڀتو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺندي سٽي ٿاڻي جي ٻن اهلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گهاٽ ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سٽي ٿاڻي جي اهلڪارن جمعدار محمد علي ۽ سپاهي محمد هاشم رات دير سان پوليس موبائيل ۾ گشت دوران ٺيلهن تي فروٽ ۽ ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ پورهيتن کان مبينا طور 100 کان 200 رپيا ڀتو پئي ورتو ۽ نه ڏيڻ تي پوليس عملي پورهيتن کي لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون. سوشل ميڊيا تي پورهيتن کان مبينا طور ڀتي وٺڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي عبدالسلام شيخ ٻنهي اهلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گهاٽ ڪرائي ڇڏيو آهي.