حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد ۾ انتظاميا حددخلين خلاف ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي گهرن ۽ دڪانن آڏو تعمير غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن. ايڊمنسٽريٽر جي حڪم بعد ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ سيل عملي سان گڏجي يونٽ نمبر 11 ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران عملي 2 درجن کان وڌيڪ گهرن جون چار ديوارون، دالان ۽ ڪجهه ڪمرن جا حصا به ڊاهي پٽ ڪيا جڏهن ته هڪ درجن کان وڌيڪ قائم غيرقانوني دڪان ۽ مانڊڻيون به ڊاٺيون. ڪارروائي بابت اينٽي انڪروچمينٽ جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تحت حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ڪارروائي کان اڳ گهر ڌڻين ۽ دڪانن جي مالڪن کي نوٽيسز جاري ڪيا هئا ته پاڻمرادو اڏاوتون ڊاهين پر نوٽيسن باوجود انهن عمل نه ڪيو ان ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس جي نگراني ۾ آپريشن ڪري غيرقانوني قبضا ختم ڪرايا پيا وڃن.