ام رباب جي زندگي کي خطرو آهي ته عدالت ڇو ٿي اچي؟ سردار چانڊيو

0
122

دادو: پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو چيو آهي ته ام رباب جي زندگي کي خطرو ناهي، جيڪڏهن خطرو آهي ته پوءِ ڇو پئي اچي، پنهنجا ماڻهو موڪلي ڇڏي

دادو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سردار چانڊيو چيو ته ميڊيا آڏو زندگي کي خطري جون ڳالهيون ڪرڻ سمجھه کان ٻاهر آهي، اڄ تائين سندس گهر آڏو ڪاٺي به ناهي ڀڳي

هن چيو ته اسان ڪيس ۾ ملوث نه آهيون پر عدالت گهرائي ته پيش ٿيون ٿا

واضح رهي ته ام رباب چانڊيو ڪجهه ڏينهن اڳ الزام هنيو هو ته سندس زندگي کي خطرو آهي