اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان 32 لک ووٽر، ووٽ ڏئي نه سگھندا: وفاقي وزير شبلي فراز

0
457
وفاقي وزير پاران رد

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ اھم مسئلي ڏانھن ڌيان ڇڪايو آھي. قومي اسيمبلي ۾ ميمبر نورين اڀراھيم جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو تھ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ٿي تھ 32 لک معذور ماڻھو ووٽ ڏئي نھ سگھندا.

ھن چيو تھ اڃان تائين اي وي ايم ۾ نابين ماڻھن لاءِ بريل سسٽم ناھي، اي وي ايم استعمال ڪرڻي آھي تھ اليڪشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾ ٻيھر ھدايتون ڏيڻيون پونديون. ھن چيو تھ ڪجھھ پولنگ اسٽيشنس تي معذور ماڻھن لاءِ ريمپ جي سھولت بھ موجود ناھي.