اليڪشن Vs لسانيت

0
155
اليڪشن Vs لسانيت

   سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻ واريون آهن، هر پاسي ٻڙڌڪ متل آهي، سياسي پارٽيز ايئن پيون محسوس ڪرائين ته ڄڻ کين عوام جون تڪليفون سُک سان سمهڻ نٿيون ڏين، رڳو وٺ وٺان، ڀڄ ڀڄان، کڻ کڻان، هڻ هڻان وارو سلسلو شروع ٿيو آهي، ڇو جو گرائونڊ ريئلٽي ۾ اهي سڀ پارٽيز پڌريون آهن، عوام ڄاڻي ويو آهي ته هي سڀ فراڊ آهن، کانئن گهر جو نلڪو ٺيڪ نٿو ٿئي، علائقي يا سنڌ جا مسئلا ڪيئن حل ڪندا؟، انساني حقن جي امپورٽنٽ جُوتن سان لتاڙ ڪندڙن کي عام ماڻهن جي حقن جي ڪا پرواهه ناهي، سچ لکجي ته اِنهن جو زميني حقيقتن سان ڪو واسطو ئي ناهي، رڳو ريچارج ٿيل بيٽريز آهن، جيڪي ضرورت پوڻ تي استعمال آڻڻ بعد دٻن ۾ بند ڪري رکي ڇڏبيون آهن. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت مڪاني ادارن ۾ ترميم ڪري بل اسيمبلي مان پاس ڪرايو، گورنر عمران اسماعيل اعتراض واري رد ڪري ڇڏيو، حڪومت بل ۾ ترميم ڪري وري اسيمبلي آندو ۽ پاس به ڪرائي وئي پر هِن ڀيري حڪومتي ميمبرز توڙي اپوزيشن جي رويي ۾ تمام گهڻي تبديلي نظر آئي، ميمبرز ايوان ۾ وڙهي پيا، هڪٻئي کي گارگند ڪرڻ سان گڏ ڌڪا به ڏنا ويا،

بهرحال بل پاس ٿي ويو، اپوزيشن بل خلاف دانهون ڪيون، ايئن کڻي سمجهو ته جيڪو کپي پيو اهو حاصل نه ٿيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه جو اِهو بيان“اسان پاڻ کي پاڪستان جو حصو سمجهندا آهيون، حالتون اهڙيون پيدا نه ڪريو جو اسان ڪجهه ٻيو سوچڻ تي مجبور ٿيون” باهه وانگر پکڙجي ويو، سنڌ جي خاص طور ڪراچي جي مئل سياست ۾ ڄڻ ته ساهه پئجي ويو، پوءِ ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، پي ايس پي ۽ ٻين پارٽيز وري پنهنجي پراڻي روايتي لسانيت واري سياست شروع ڪئي، پر هن ڀيري سوشل ميڊيا تي آواز اُٿي رهيا آهن ته اهو پليٽ فارم فراهم ڪندڙ پيپلز پارٽي ئي آهي.

پيپلز پارٽي محترمه جي شهادت بعد لاڳيتو ٽيون ڀيرو سنڌ تي حڪمراني ڪري آهي، پر ڪوبه اهڙو ڪارنامو سرانجام نه ڏئي سگهي آهي، جنهن سان اِهو کڻي چئجي ته پيپلز پارٽي جو طرز حڪومت بهترين آهي، حقيقت ۾ اِن ۾ خاميون نه پر ڀنڊ آهن، جيڪي درست ٿيڻ ڏکيا آهن، ماڻهو ميرو ڀلي هُجي پر اُن کي جيئڻ جو ته حق آهي پر هاڻ آواز اٿي رهيا آهن ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم مستقبل جي رٿابندي اِها ڪئي آهي جو “ڪراچي تمهارا، سندهه ڪي باقي شهر هماري”، ڪراچي کان ڪشمور تائين پيپلز پارٽي جيڪي تاريخي ڪم ڪيا آهن، اُن جَي آڌار تي کين ووٽ ڪونه ملندا، “ڏيکڻ دا ائين اي پر ماڻهو قنڌار هي” پيپلز پارٽي جي هر اميدوار جي حامين طرفان اهو جملو بار بار ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ايم ڪيو ايم جي باني کي تقريرن جي اجازت مليل آهي،

سيڪٽرز فعال ٿي ويا اٿن، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم، ٻنهي کي لسانيت واري سياست تمام گهڻو فائدو پهچائيندي آهي، ايم ڪيو ايم کي پاڪستان بچائڻو هوندو آهي ۽ پيپلز پارٽي کي سنڌ جي بقا خطري ۾ نظر ايندي آهي، ٻنهي جو نعرو ڀلي ٿورو مختلف هوندو آهي پر اندران ساڳي سوچ هوندي آهي، ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا اسان کي ڌاريو نه سڏيو، اقليت نه سمجهو، اسان پاڪستان ٺاهيوسين، وڏو وزير سنڌو ديش ونگ جو سربراهه آهي ۽ پاڪستان ٽوڙي ڇڏيندو. سنڌ واسي بخوبي ڄاڻين ٿا ته ايم ڪيو ايم وارن پاڪستان ڪونه ٺاهيو هو، سنڌين ئي پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايو هو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو جنهن پارٽي سان واسطو آهي، اُها پاڪستان کپي جو نعرو هڻندي رهي آهي، پر ماڻهن کان الائي ڇو وسري ويندو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ پرست، ايم ڪيو ايم پاڪستان پرست، اهو چورن بند ٿيڻ گهرجي، ڇوجو ان نفرت سان انسان مرندو آهي ۽ سياستدانن جا دڪان هلندا آهن، اهڙا دڪان ئي بند ٿيڻ گهرجن، جن کي هلڻ لاءِ انسان جي رت جي ضرورت پوي، ايم ڪيو ايم وارن کي به ياد رکڻ گهرجي ته اُنهن ملڪ ٺاهيو نه هو پر پنهنجو ملڪ ڇڏي ڪراچي لڏي آيا هئا.

هڪ سوال اهو به آهي ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت هر سال کربين رپين جا بجيٽ پاس ڪري ٿي، پر اُهي رڳو فگرز کانسواءِ حقيقت ۾ ڪجهه ناهن هوندا،جيڪڏهن حقيقت ۾ ايترا پئسا سنڌ لاءِ منظور ٿين ٿا ته اُهي ڪٿي آهن؟، هتي ته رڳو هڪ روڊ ٺاهي اُن جي آڌار تي ووٽ ورتا ويندا آهن، اسپتال سرڪاري هوندي پر ووٽ وڏيرو وٺندو ته منهنجي مهرباني اٿئو، هيلٿ، ايجوڪيشن، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٻين سيڪٽرز ۾ڪي به ڪم ناهن ٿيا، اوهان سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ هليا وڃو، ڊاڪٽرز اوهان سان ايئن ڳالهائيندا ڄڻ ته هو مالڪ ۽ توهان نوڪر آهيو، اوهان جا ٻڄڙا تڙپي رهيا هوندا پر کين ڪا وئڪسين نه ملندي، ظلم جي حد آهي ته جنس جا اگهه ته درست نه مليا پر هاڻ ڀاڻ به بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، پيپلز پارٽي ۾ هاڻ رڳو اهڙا ماڻهو بچيا آهن،جن کي ڏاڍ مڙسي جي آڌار تي ووٽ ملندا آهن.

گهوٽڪي جي مهر سردارن، پتافين، ڌاريجن، شرن، لنڊ ۽ ٻين ڀوتارن کي ڪنهن سياسي نظريي جي ضرورت ناهي، هو سڀ ڪجهه پاڻ کي سمجهن ٿا، جيڪڏهن انهن ڀوتارن ۾ ڪا سياسي سوچ ۽ انسانيت جي پرک هُجي ها ته پنهنجن ماڻهن کي پيرن ۾ ويهاري بوٽ هڻن ها؟، پيپلز پارٽي کي چئلينج آهي ته اُها انهن سردار ۽ ڀوتارن جي مخالفت ۾ پنهنجي نظريي وارو ماڻهو بيهاري ۽ اليڪشن کٽي ڏيکاري، پيپلز پارٽي تي الزام لڳندا رهيا آهن ته اُها پاڻ اهڙا ڀوتار ۽ وڏيرا پيدا ڪري رهي آهي جن ذريعي عوام کي دٻائي ووٽ وٺي سگهي، جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ سنڌ جا وزير نياڻين جي لڄ لٽيندڙ رهزنن کي عدالتن مان سزا ڏيارڻ بدران جرڳا ڇو ڪرائي رهيا آهن؟ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن مهم ۾ شروع ڪيل راند کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سنڌ جي ٻي وڏي پارٽي فنڪشنل ليگ کي اڳتي اچڻ گهرجي ها، پر پير صاحب الائي ڇو خاموش آهي،

فنڪشنل ليگ جا رڳو 2 ايم پي ايز اسيمبلي ۾ گوجندا آهن پر  گرائونڊ ريئلٽي ۾ اهڙو ڪو احتجاج وغيره ناهي ٿيو جنهن سان سنڌ واسي اهو چئي سگهن ته فنڪشنل ليگ اسان سان گڏ بيٺل آهي، نصرت سحر عباسي ۽ مهر رڳو وڏين گاڏين تي اسيمبلي اچي ڪجهه منٽ تقرير بعد هليا ويندا آهن، عام ماڻهو کي اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي نه پر پنهنجي مسئلن جو حل کپي، زميني حقيقتون اهي آهن ته سنڌ ۾ وري لسانيت جي باهه ڀڙڪائي بيگناهه ڪونڌر ماريا ويندا ۽ اليڪشن کانپوءِ سڀ ڪجهه نارمل ٿي ويندو، ان کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سنڌ جي اجتماعي شعور ۽ فنڪشنل ليگ سميت ٻين اپوزيشن پارٽيز کي حقيقي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو نه ته کين تاريخ معاف نه ڪندي.