اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي مقرري خلاف فواد چوڌري جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي، فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته عدالت آئين جي بالادستي جو احترام ڪندي، ان کانسواءِ ڪجهه ناهي، عدالت آئيني اختيار اتي استعمال ڪندي آهي جتي لاڳاپيل فورم موجود نه هجي، چيف جسٽس چيوته اليڪشن ڪميشن آئيني فورم آهي، ميمبر کي هٽائڻ جو طريقيڪار ڇا آهي؟ وڪيل ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي عهدي تان هٽائڻ جو فورم سپريم جوڊيشل ڪائونسل آهي، ميمبر اليڪشن ڪميشن جو ڪيس ٿورو مختلف آهي، نثار دراني جي مقرري غير آئيني آهي. چيف جسٽس چيو ته ميمبر اليڪشن ڪميشن مقرر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي مشاورت ٿيندي آهي، ڇا پارلياماني سياسي جماعتن غلط مقرري ڪئي؟ غلطي ٿي وئي آهي ته ان کي درست ڪرڻ جو فورم موجود آهي