بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ بختيار جکراڻي ۾ جوابدار ساٿين سان گڏجي پنھنجي 24 ورهين جي نوجوان ڀاڄائي مسمات زرينا زال مغيم بنگوار کي ڪارنھن الزام ھيٺ گھٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو،  بخشاپور اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي سھولت نه ھجڻ ڪري  پوليس لاش کي ڪشمور جي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف  ٿاڻي جي ننڍي منشي مولا بخش ڊومڪي ٻڌايو ته جوابدار ڏير ساٿين سان گڏ   پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، مقتولا جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي،  جوابدارن جي  گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.