ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) نيشنل ڪپ ۾ سنڌ جي ٽيم خبيپرختونخواهه کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ملتان ۾ کيڏيل نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي خيبرپختونخواهه جي ٽيم 140 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. خيبرپختونخواهه پاران ريحان آفريدي 43 ۽ محمد سرور 30 رنسن سان نمايان رهيا.  سنڌ طرفان بالنگ ڪندي سهيل خان 4، مير حمزه، آصف محمود 2_2 ۽ زاهد محمود 1 وڪيٽ ورتي. ڪي پي جو هڪ بيٽسمين رن آئوٽ ٿيو. جواب ۾ شرجيل خان جي شاندار ففٽي جي مدد سان سنڌ جي ٽيم 14 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي گھربل ٽارگيٽ حاصل ڪري فائنل پنهنجي نانءَ ڪري ورتو. سنڌ طرفان شرجيل خان 53 ۽ صائم ايوب 36 رنسون ٺاهيون. چار وڪيٽون وٺڻ تي سنڌ جي بالر سهيل خان کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. جڏهن ته صائم ايوب مين آف دي سيريز رهيو.