اليڪشن ڪميشن پنجاب شهباز گل جا الزام رد ڪري ڇڏيا

0
251

اليڪشن ڪميشن پنجاب

شهباز گل پاران مظفرڳڙهه ۾ پولنگ اسٽيشنز تان پي ٽي آءِ اميدوار جي پولنگ ايجنٽس کي نيڪالي ڏيڻ جا الزام، پنهنجي ٽويٽ ۾ شهباز گل چيو آهي ته اسان جي اميدوار معظم جتوئي جي پولنگ ايجنٽس کي پولنگ اسٽيشن 44 ۽ 46 تان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي

ھن چيو تھ پولنگ ايجنٽس کي خالي دٻا ۽ بيلٽ پيپرز چيڪ ڪرڻ به نه ڏنا ويا، فارم 46 جي شفافيت ختم ڪئي وئي آهي، خبر ناهي ته انهن پولنگ اسٽيشنز تي ڪيترا جعلي ووٽس ڪاسٽ ٿيندا، ڌانڌلين جي شروعات ٿي چڪي آهي

 اليڪشن ڪميشن پنجاب شهباز گل جا الزام رد ڪري ڇڏيا

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن پنجاب شهباز گل جا الزام رد ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو  آهي ته مظفر ڳڙهه ۾ پولنگ اسٽيشن 44 تي پي ٽي آءِ اميدوار جو پولنگ ايجنٽ امير بخش موجود آهي

پولنگ اسٽيشن 46 تي پي ٽي آءِ اميدوار جو ڪو به پولنگ ايجنٽ نه پهتو آهي، بنا تصديق جي الزام هڻي پولنگ واري عمل کي تڪراري نه بڻايو وڃي

عمران خان ۽ اينڊ ڪمپني عوامي فيصلي کي تسليم ڪن:عطاءُ الله تارڙ

 پنجاب جي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عوام بنا ڪنهن خوف جي ووٽ جو حق استعمال ڪري، سياسي مخالفن کي به ووٽ جي عزت ڪرڻ گهرجي

ھن چيو تھ عمران خان ۽ اينڊ ڪمپني عوامي فيصلي کي تسليم ڪن، عوامي فيصلو زوري تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪيو وڃي، چونڊن لاءِ آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن سان ڀرپور سهڪار ڪيو پيو وڃي

غنڊا گردي ۽ بدمعاشي جي ڪوشش ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، لوڌران ۾ شبلي فراز فسادين جي پٺڀرائي لاءِ هٿيارن سوڌو موجود آهي، شبلي فراز پنهنجي غندن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حوالي ڪري

ھي به پڙھندا

پنجاب جي 20 صوبائي تڪن تي فيصلائتي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري