ڀٽ شاهه (ن پ ا) سنڌ جي مشھور بانسري نواز غوث بخش بروهي جي بيماري جو صوبائي وزير ثقافت ۽سياحت سيد سردارعلي شاھ ۽ سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري نوٽس وٺندي سندس علاج لاءِ ھڪ لک رپين جو چيڪ موڪليو آهي. صوبائي وزير طرفان مالي مدد لاء موڪليل چيڪ ثقافت مرڪز ڀٽ شاھ جي عملدار مجتبيٰ جوکيوپاران صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري جي هدايتن تي مشھور بانسري نواز غوث بخش بروهي جي پٽ عرفان علي بروهي جي حوالي ڪيوويوآهي ان موقعي تي ثقافت کاتي جي عملدار مجتبيٰ جوکيو ٻڌايو ته ڪافي عرصي کان بيماري ۾ مبتلا غوث بخش بروهي جي بيماري جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري اڪبر لغاري نوٽيس ورتو آهي ۽ فوري طور تي ان جي علاج لاء هڪ لک رپين جو چيڪ ڏنو ويو آهي جيڪو اڄ غوث بخش بروهي جي فرزند جي حوالي ڪيو آھي هن چيو ته بيمار اديبن فنڪارن ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ هر شخص جو علاج ثقافت کاتو بنا ڪنهن مت ڀيد جي ڪرائي رهيو آھي ۽ سندن مالي مدد پڻ ڪئي پئي وڃي.