اقتدار ۾ اچي پاڪستان کي ايشيا جو ٽائيگر بڻائينداسين: نواز شريف

0
47
اقتدار ۾ اچي پاڪستان کي ايشيا جو ٽائيگر بڻائينداسين: نواز شريف
اقتدار ۾ اچي پاڪستان کي ايشيا جو ٽائيگر بڻائينداسين: نواز شريف

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اقتدار ۾ اچي پاڪستان کي ايشيا جو ٽائيگر بڻائينداسين، مون کي اقتدار مان نه ڪڍيو وڃي ها ته اڄ هر نوجوان روزگار سان هجي ها

قصور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته هڪ بلين ٽريز وارو منصوبو، لکين نوڪرين ۽ گهرن جا وعدا ڪيڏانهن ويا؟

سروي اهو ئي چون ٿا ته نواز ليگ مقبوليت ۾ سڀني کان اڳتي آهي: مريم نواز

مريم نواز جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سمورا سروي اهو ئي چون ٿا ته هن وقت نواز ليگ مقبوليت ۾ سڀني کان اڳتي آهي

هن چيو ته نواز شريف لاءِ چيو ويو ته هاڻي هن جي سياست ختم ٿي وئي، اڄ سياست نواز شريف جي نالي سان شروع ٿي ان تي ئي ختم ٿئي ٿي

مريم نواز چيو ته سمورا ظلم ۽ زيادتيون وسارڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي به چوان ٿي ته ڀڃ ڊاهه وارو دور ختم ڪري ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪيو

سنڌ ۾ توهان جي ڪارڪردگي اسان جا جلسا آهن: شهباز شريف

شهباز شريف بلاول جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هڪ مهربان چيو ته نواز ليگ سنڌ ۾ جلسا نه ڪيا آهن، مان مهربان کي چوان ٿو ته توهان جي ڪارڪردگي ئي سنڌ ۾ اسان جي چونڊ مهم آهي