بلاول پاران حملي ۾ زخمي ٿيل پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه جي عيادت

0
87
بلاول پاران حملي ۾ زخمي ٿيل پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه جي عيادت
بلاول پاران حملي ۾ زخمي ٿيل پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه جي عيادت

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميرپورخاص ۾ حملي ۾ زخمي ٿيل پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه جي عيادت ڪئي آهي

بلاول ڪراچي جي نجي اسپتال پهچي ذوالفقار شاهه جي عيادت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا

بلاول ڀٽو زرداري واقعي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

اليڪشن ڪميشن ذوالفقار شاھ تي حملي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

پوليس موجب ذوالفقار شاهه گذريل ڏينهن پنهنجي گھر ڏانهن وڃي رھيو ته باءِ پاس وٽ ڪار سوار ھٿياربندن مٿس حملو  ڪيو

ذوالفقار شاهه کي شروعاتي طبي امداد بعد ڪراچي منتقل ڪيو ويو

پوليس ذريعن موجب ذوالفقار شاهه گاڏيءَ جا شيشا ٽٽڻ سبب زخمي ٿيو، سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي