افغانستان مان فوج جي واپسي آمريڪا لاءِ وڏي بي شرمي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

0
205

ڪراچي(م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي تي جوبائيڊن انتظاميه کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان ۾ حالتن کي آمريڪا جي لاءِ وڏي شرمندگي قرار ڏيندي بائيڊن انتظاميه کي هن جو ذميوار قرار ڏنو. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هي آمريڪي صدر ۽ انتظاميه جي وڏي نا اهلي آهي، هي آمريڪي فوجين جي افغانستان مان واپسي نه پر هٿيار ڦٽا ڪرڻ آهن، جڏهن ته اهڙي صورتحال کان بچي سگهجي پيو. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اسان کي عزت سان واپسي جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ها پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو آهي.