اشو آف دي ڊي شهيد بشير قريشي جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

0
680

سوشل ميڊيا تي شهيد بشير قريشي کي سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، هيپي برٿ ڊي بشير قريشي ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ بشير قريشي جون يادگار وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. توئيٽر ٽرينڊ ۾ سعيد چانڊيو، وقار علي ميمڻ، فهد مصطفيٰ، زاهد حسين، سرمڻ بروهي، عائشه خان، عرفان ڀٽو، سنڌي جاويد، صديق اڪبر سبزوئي، مبشر جاگيراڻي، عبدالله سنڌي، انجنيئر فدا حسين، رياض حسين چانڊيو، نائلا وسيم، حبيب مظهر مري، اسد جروار، علي ڏنو، نواز مڱريو، ذوالفقار کوسو، عرفان ڀٽو، سيفي مشوري، شهرام باجڪاڻي، عبدالرئوف ڀٽي، سرهاڻ سنڌو، سيد اسد نقوي، گلشير جاني، وقار ميمڻ، مشڪ الاهي بڪڪ، سهيل سنڌي، سنسار ميمڻ، بلاول پيرزادو، عبدالغفار سومرو، مير فرقان چاچڙ، علي مرتضيٰ، طارق عزيز پنهور، مزمل سومرو، آصف علي ابڙو، ذيشان ڀنگوار، ڀليڏنو ڏاهري، رام پرڪاش، مرتضيٰ جوڻيجو، سلمان شيرازي، شاهديو ولاسائي، نورالدين ڪٽوهر، اياز ميراڻي، گهنور خان لاشاري، ڪليم گهمرو، انيل ڪڇي، ڪليم گهمرو، حڪمي زنگيجو، سنيل، بلال ٽالپر، باغي الله بخش راڄڙ، حسين فراز، علي رضا سولنگي، سرفراز جانوري، علي جويو، ولايت علي جوڻيجو، بشير ميراڻي، علي طارق لغاري، مرتضيٰ چانڊيو، سنڌي صائمه راڄڙ، عبدالمنان، مرتضيٰ جڻيجو، اڪرم پنهور، صبا حيدر، سڪندر پنهورڄام علي اويس سميجو، عباس علي، انعم ٽالپر ۽ ٻين حصو ورتو. مختيار عباسي لکيو ته بشير قريشي جي عوامي رويي مان اسان سڀني کي سکڻ گهرجي، اهي ڪهڙا عوامي رويا هئا جن کي ياد ڪري ماڻهو اڄ تائين ٿڌا ساهه ڀري ٿو، عابده چنا، عبدالغفار، غلام رحيم مهراڻپوٽو، بابر حسين ڪلهوڙو، عزيز کاهوڙي،رابيل سيال،خميسو خان، شيرين اسد، هالار آريجو، منور سنڌي ۽ ٻين به جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون، بشير آريسر ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته جنهن جي اکين ۾ سنڌي جي خوشحالي جا خواب هيا، انهن خوابن جي تعبير لاءِ هو بي چين روح بڻيل هو. اياز راڄڙ، عبدالسلام، سلمان آريسر، ڄام منور سمون ۽ ٻين به سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون. سنديش ڪمار ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقض اڀاري ويندا آهن. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رتيديري کان زرعي يونيورسٽي ۽ تبت سينٽر کان سڪرنڊ جي آخري سفر تائين هن جي زندگي مسلسل جدوجهد جي علامت هئي.محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي کي سنڌ مان سندس جنم ڏينهن ۽ شهادت جي ڏينهن تي ملندڙ ڀيٽا به مثالي هوندي آهي منهنجي مشاهدي مطابق اهڙي جڳهه سنڌين جي دلين ۾ شايد ئي وري ڪو ٻيو اڳواڻ وٺي سگهي.