اشو آف دي ڊي سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي: سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
237

سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي به بحث جاري رهيو، مختلف تبصرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ جميل گاد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صرف نثار کھڙو ۽ سهيل سيال ئي ڇو فريال ٽالپر کان وٺي اڪثر پي پي اڳواڻن جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري پي پي لاڙڪاڻي ۾ ھارايو، ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ بلاول جي ڪري هارائيندي جنهن تي اڪرام الاهي وڳڻ لکيو ته راشد محمود بلاول جي مقابلي ۾ اچي ته ووٽ بلاول کي ملندو، سميع الله پيرزادو لکيو ته جميل سومرو جي شڪست جي ڪري انهن کي ڪڍيو ويو، لياقت جتوئي لکيو ته هاڻي پ پ جا ايم اين اي ايم پي اي لاڙڪاڻي مان هارائيندا، سيد بابو شاهه لکيو ته سنڌ مان پ پ کي نيڪالي ڏبي، ايڊووڪيٽ اشتياق اوٺو لکيو ته سهيل سيال کي جلد ٻيهر گهرو وزير بڻايو ويندو، هشمت کوسو لکيو ته ڪارڪردگي جي ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ به وفاق ۾ هارائيندي، عمر حيدر انڙ لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ هاڻي راشد محمود ڪامياب ٿيندو، ارشاد سنجراڻي به ڪابينا ۾ تبديلي جي پوسٽ شيئر ڪئي، عبدالغفور سروهي لکيو ته سنڌ ڪابينا ۾ پهرين وزيرن جو ٺيڪو مڪمل ٿي ويو، نئون ٺيڪو حاصل ڪندڙن ۾ ڄام خان شورو، منظور وساڻ، فياض ٻٽ ۽ ٻيا خوش نصيب شامل آهن، عوام اڳين جي دوکي ۾ نه اچي. رفيق ثمر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا ۾ تبديليون، پر ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جا ايم پي ايز مير نادر خان مگسي، نواب سردار خان چانڊيو ۽ گھنور خان اسراڻ ڪابينا کان ٻاھر؟ هالار سومرو لکيو ته چڱو ٿيو ته ٻاهر آهن اهي وري ڇا ڪندا. مڪيش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا ۾ ردوبدل، ٿر مان ارباب لطف الله کي خاص معاون بڻايو پيو وڃي، سنڌي ڪنول لکيو ته ارباب غلام رحيم جي ڪري پ پ مجبور ٿي ارباب لطف کي ڪابينا ۾ کڻي پئي. عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا ۾ تبديليون، وزيراعلي هائوس ۾ گڏجاڻي، پ پ ايم پي اي پريشان، صحافين کي فونون ڪري پڇندا رهيا ته “منهنجو نالو آهي” مجاد شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڪابينا ۾ ڦيرڦار، خواهشمندن جون خبرون هلايون ويون پر اڳيان به مراد شاهه آهي.