سوال/سروي ڌاڙيلن، منشيات ۽ ڀتي خورن خلاف آپريشن ٿيڻ گهرجي، وفاق ۽ صوبائي سرڪار گڏجي ڪم ڪن: عوام

0
379

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاق پاران سنڌ ۾ ڌاڙيلن، منشيات ۽ ڀتي خوري خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم کي پ پ مخالف اتحاد ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي، وزيراعظم سان پ پ مخالفن جي ملاقاتن ۽ وفاق جي فيصلن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڀتاخورن، منشيات فروشن ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ضروري آهي، وفاق جا فيصلا تڏهن اثرائتا ثابت ٿيندا جڏهن سڀني کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، وفاق کي ٻين صوبن ۾ ڪجهه نظر نٿو اچي ڇو ته اتي هنن جي پنهنجي حڪومت آھي. تيرنھن سالن کان ون پارٽي حڪمراني لڳي پئي آھي ان ۾ تبديلي اچڻ کپي، مخالف اتحاد پ پ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته وفاق جو اهو فيصلو صحيح آهي ڀتا خورن منشيات فروشن ۽ ڌاڙيلن خلاف ايڪشن ضروري آهي، رزاق عاصي لکيو ته وفاق جو جيڪو آپريشن ڪرڻ چاهي ٿو ان جي 90ع جهڙين حالتن سان ڀيٽ ڪري سگهجي، منشيات، بدامني، ڌاڙيلن کي پوليس ختم ڪري سگهي ٿي، بابر وساڻ لکيو ته سنڌ جو عوام عمران حڪومت مان ڪو به آسرو نه رکي، پرويز خاصخيلي لکيو ته ساراھ جوڳو عمل آهي،عطاءُالرحمان قادري لکيو ته وفاق جي ايڪشن سان امن ٿيندو، عامر تيوڻو لکيو ته منشيات فروشن ۽ ڀتا خورن جي پٺڀرائي سياسي ماڻھو ڪري رهيا آھن، مڪيش ڪمار لکيو ته 13 سالن کان ون پارٽي حڪمراني لڳي پئي آھي ان ۾ تبديلي اچڻ کپي، شعيب جوڻيجو لکيو ته بلڪل وفاق جا اهي فيصلا صحيح آهن، پارس راج ڪپور لکيو ته ڪهڙي به پارٽي اچي سڀ پنهنجا پيٽ ڀريندا عوام کي ڪو به رليف نه ملڻو آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته وفاق جا فيصلا اثرائتا تڏهن ٿيندا جڏهن سڀني کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، زاهد مهر لکيو ته ايترو سنجدگي سان وفاق کي پهريان کان هي ڪم ڪرڻو هو، جگملداس ڪولهي به سروي ۾ حصو ورتو، مندر ساڙيندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، محمد يونس لکيو ته جهڙو وفاق تهڙي سنڌ سرڪار آهي، نا اهل آهن، جاويد چنو لکيو ته سنڌ ۾ منشيات سپلائير ڊيلر ۽ اسمگلر افغانستان مان مال گھرائي رهيا آهن جنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، امداد جسڪاڻي لکيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ھڪ مضبوط پارٽي آھي ھي اتحاد غير موسمي آھي، اتحاد سان سٺا نتيجا ڪونه نڪرندا، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته وفاق جو بهترين فيصلو آهي، محمد حسن بلوچ لکيو ته اسان مڃون ٿا ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ منشيات خلاف آپريشن ٿئي پر وفاق کي جيڪڏهن ايتري سنڌ جي ڳڻتي آهي ته پوءِ آپريشن سان گڏ ڪي سٺا پروجيڪٽ ڏئي غريبن لاءِ گهر، تعليم، نوڪريون ڏئي، گيان راءِ لکيو ته سنڌ جا ماڻهوَ انتقامي ڪاروائين کان ڊڄن ٿا، وقار حسين لکيو ته عمران سرڪار اڄ تائين عوام سان هڪ ٻه واعدو وفا ناهي ڪيو، نور حسن سبزوئي لکيو ته عمران خان جي ڪهري ڪوڙن کان ڀلا ڪير واقف ناهي؟ سميع الرحمان لکيو ته وفاق جو بھترين فيصلو آهي، روشن الدين لکيو ته سنڌ ۾ اتحاد جي حوالي سان ارباب غلام رحيم ذلفقار مرزا پ پ خلاف مضبوط آهن، عاشق حسين لکيو ته وفاقي حڪومت مسلسل ٽن سالن کان سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ احوال ڪري رھي آھي ، روز نئون اشو اٿاري صرف سياست ڪري رھي آھي، طارق باجڪاڻي لکيو ته سياست هڪ پاسي رکي سنڌ ۾ ڏوهارين جو خاتمو ڪرڻ گهرجي، ابراهيم خليل ۽ ايوب لغاري لکيو ته تمام بهترين فيصلو آهي، اعجاز بجيرلکيو ته وفاق کي ٻين صوبن ۾ ڪجهه نظر نٿو اچي ڇو ته اتي هنن جي پنهنجي حڪومت آھي. ايوب اوڍيجو، آسن داس لڇواڻي، گل زيب ساند، ذوالفقار راهمون، شيراز چانگ لکيو ته سٺو فيصلو آهي، زاهد باجڪاڻي لکيو ته وفاق جيڪڏهن ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته پوءِ سنڌ ۾ ڪپتان جي حڪومت ٺهي ويندي، معشوق کوکر لکيو ته فيصلي تي عمل ٿئي، محمد حسين شر لکيو ته اڄ تائين ڪھڙن ڪرپٽ ماڻھن کي سزا آئي آھي؟ مير شاهجهان کوسو لکيو ته وزير اعظم سان پ پ مخالف اڳواڻن جون ملاقاتون ۽ مولانا راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ اتر سنڌ اندر ٺهندڙ شخصيتي اتحاد ٻئي پ پ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا، شيخ اياز لکيو ته ايئن افغانين خلاف به آپريشن ڪريو، مظهر عباسي لکي ته سنڌ ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن جي ضرورت آھي، باقي پ پ مخالف اتحاد غائب ٿي ويندا، ايس صائمه سيد لکيو ته اسيمبلين ۾ وڏا ڌاڙيل ويٺا آهن، موهن لال لکيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي متبادل پارٽي جو اچڻ سٺو سئوڻ آهي، سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويو آھي، شبير شر لکيو ته جلد آپريشن ٿيڻ گهرجي، محمد الياس، غلام رسول راهمون، ڊي ايم خان ڊومڪي، همٿ علي چانڊيو، هدايت الله، شاهد وسطڙو، عبدالحليم، آزاد جلباڻي به سروي ۾ حصو ورتو، عصمت الله رند لکيو ته ڌاڙيلن ۽ منشيات خلاف آپريشن ٿيڻ گهرجي، ايم اسحاق بوزدار، عبدالرحمان جوڻيجو، نور احمد جتوئي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.