هڪ فون ڪال جو سوال آهي

0
224

سوشل ميڊيا تي وزيراعظم کي آمريڪا جي صدر پاران فون نه ڪرڻ بابت دلچسپ ان وقت شروع ٿي ويا جڏهن خبر آئي ته سلامتي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار معيد يوسف آمريڪا ۾ وڃي ڪري آمريڪي صدر کي شڪايت ڪئي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن وزيراعظم عمران خان کي ڪال نه ڪري رهيو آهي، ٽوئيٽر تي حنا پرويز بٽ لکيو ته معيد يوسف ايترو خرچ ڪري آمريڪا صرف اها شڪايت ڪرڻ ويو هو ته جوبائيڊن سليڪٽڊ کي ڪال نه ڪري رهيو آهي، نواز شريف اهو هو جنهن سان چين جو صدر پاڻ ملڻ آيو هو، صبا حيدر لکيو ته جوبائيڊن ڪال نٿو ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ مس ڪال ئي ڪري ڇڏي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ۽ وزيراعظم جون دلچسپ تصويرون شيئر ڪيون ويون جن تي لکيو ته هڪ فون ڪال جو سوال آهي، اهو پڻ لکيو ويو ته اسان جو هڪ اسلامي ايٽمي ملڪ آهي نا اهل حڪمرانن هن ملڪ جي ايتري ساک خراب ڪئي آهي ته آمريڪي صدر کي ايلاز ڪري رهيا آهن ته هڪ فون ڪال ڪري.