اشو آف دي ڊي اڻپڙهيل صحافي تنقيد پيا ڪن:عرفانه ملاح تنقيد لاءِ سرٽيفڪيٽ لازمي ناهي: صحافين جو ردعمل

0
244

سنڌ يونيورسٽي جي استاد عرفانه ملاح جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد عرفانه ملاح مٿان تنقيد شروع ٿي وئي، طنزيه، مزاحيه تبصرا به ڪيا ويا، وڊيو ۾ عرفانه ملاح چئي رهي آهي ته توهان کي حقيقتن جي خبر ئي ناهي ڇو ته اسان ٻارن کي اهو سمجهايو آهي ته جيڪو استاد آهي اهو تعليم دشمن آهي، ڇو ته جيڪو اڻپڙهيل صحافي آهي جنهن کي ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ به ڪونهي، اهو يونيورسٽي جي باري ۾ ويهي لکي ٿو، شاگردن کي خبر ئي ناهي انهن کي ڀڙڪايو وڃي ٿو، اسان اهي باشعور فرد آهيون، اسان استاد آهيون ۽ چوندا آهن ته ڊونٽ ٽيچ دي ٽيچرس، شاگردن کي سمجهڻ گهرجي ته هي استاد فين کي گهٽائڻ لاءِ نڪتا آهن، نثار کوکر اهڙي وڊيو شيئر ڪئي جنهن تي ايوب گل لکيو ته اوهان ميٽرڪ کان اڳتي پڙهي وٺو ها اجايو صحافي ٿيا آهيو، اعجاز منگي لکيو ته جابرن واري ٻولي ڳالهائي پئي وڃي، وهاب منشي لکيو ته ليڊر اهو هوندو آهي جنهن جو ڪو ڪردار هوندو آهي، دودو چانڊيو لکيو ته مون سنڌ يونيورسٽيءَ مان 99/2000 ۾ ماسٽرس ڪئي هئي ان وقت عرفانه نه پر امر سنڌو استاد هئي، سحر امداد، تهمينه مفتي، قاضي خادم، ٻيا استاد هئا، اسحاق سميجو به مون سان گڏ پڙهندو هو، پر ميٽرڪ پاس آهيان الئي نه آهيان، قائم علي خان لکيو ته پهريان ميٽرڪ جي ڊگري وٺي پوءِ تنقيد ڪجو، شاهنواز خاصخيلي لکيو ته پاڻ کي ماس ڪميونيڪيشن ۾ ميٽرڪ جي ڊگري ڏني هئائون ڇا؟ علي ڪامران سهتو لکيو ته مون کي ميٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ باوجود يونيورسٽي ۾ داخلا ڪيئن ملي مان به اڻ پڙهيل صحافي آهيان، شاهد حسين خاصخيلي لکيو ته مطلب ڊگري وارا ئي وڌيڪ سمجهدار هوندا آهن، ميٽرڪ پاس هنن خلاف نه ڳالهائن، ماڻڪ ڪنگراڻي لکيو ته ميٽرڪ ڪرڻ جي پڪ ڪونهي پر ايم فل لاءِ اپلاءِ ڪيو اٿم، حاجن سولنگي لکيو ته صحافت لاءِ ڊگري نه عقل هوش دماغ سان گڏ نظرياتي سوچ ضروري آهي، عطا ميمڻ لکيو ته آئون ايم اي جرنلزم آهيان اميد آهي ته اسان جي لکڻ تي اعتراض نه هوندو،عابد مير لکيو ته باشعور صرف يونيورسٽي جا ڊگري يافته آهن جيڪي پ پ کي سنڌ جي آخري اميد سمجهن ٿا، خالد جوڳي لکيو ته نثار کوکر اوهان ڪيترا پڙهيل آهيو سرٽيفڪيٽ پيش ڪريو، باشعور به آهيو يا نه؟ دلشاد ڀٽو لکيو ته اسان واري دور جا ميٽرڪ پاس به پي ايچ ڊيز کان وڌيڪ ڄاڻ رکن ٿا، هنن جي پي ايچ ڊي جا ٿيسز ۽ ريسرچ ڏسو، ٻاراڻا مضمون لکن به پاڻ ته پاس به ڪن.دادا رزاق جتوئي لکيو ته شعور لفظ اڄ ڏاڍو رُنو هوندو، گل لغاري لکيو ته اوهان صحافين کي اچي ڇا ٿو رڳو ميڊم خلاف ڳالهائڻ کانسواءِ، علي لاشاري لکيو ته سڀني صحافين کي گذارش آهي ته ميٽرڪ جا سرٽيفڪيٽ تصديق ڪرائن، آنند ڪمار لکيو ته اڻپڙهيل به آهي وري ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ به ڪونهي ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي، پير عالم مصطفيٰ شاهه لکيو ته عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي،صداقت علي لکيو ته صحافين مٿان ڪاوڙ سمجهه کان ٻاهر آهي،علي نواز جلباڻي لکيو ته عرفانه ملاح ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي آهي، الهڏنو ڪابورو لکيو ته ميٽرڪ پاس ڪئي آهي الائي نه پر 2000 ۾ سوشل سائنسز ۾ ماسٽرس ڪئي اٿم، محمد عارف لکيو ته ميٽرڪ پاس ڪري پوءِ لکڻي پوندو.نسيم شوڪت بلوچ لکيو ته اڄڪلهه صحافت ۾ اڻپڙهيل ۽ جاهل ماڻهن جو ريشو تمام گهڻو نظر اچي پيو، علي ذاڪر تنيو لکيو ته پڇو ته ڪڏهن ڪلاس ورتو اٿوَ مون پنهنجي پڙهائي جي ٻن سالن دوران صرف گهمندي ڏٺو.