”غريب شاگرد آهيون، دهشتگرد ناهيون“ رستا روڪ نامنظور

0
197

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ رستا سيل ڪرڻ واري عمل جي سوشل ميڊيا تي مذمت ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ اسحاق سميجو روڊ سيل ڪرڻ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ مارشل لا لڳل آهي ڇا؟ شاگردن جو فينوڌڻ خلاف لڳندڙ ڌرڻو روڪڻ لاءِ علامه قاضي وٽان روڊ سيل ڪيو ويو. انتظاميه جو اهو رويو افسوسناڪ آهي. معاملي جي حل لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. هي رويو قطعي به مناسب نه آهي، جنهن تي فضل انڍڙ، ساگر مشتاق، مٺو سنگراڻي، سرفراز جتوئي، غلام نبي شاهاڻي، آفتاب گاڏهي، منور کيڙو، شاهه ڪوي،يعقوب ابڙو، مراد پندراڻي، فراز ٻگهيو به اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، فراق هاليپوٽو لکيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي اها تعليم دشمن پاليسي آهي، اظهر باغي لکيو ته اها تصوير شاگردن ڏانهن انتظاميا جي اصل رويي کي وائکو ڪري ٿي، امر کهاوڙ لکيو ته اهي سنڌي شاگردن کي تعليمي ميدان ۾ پوئتي رکڻ جون سازشون آهن، انتظاميا جي اهڙو رويو نامنظور، خادم ساحر سيلرو لکيو ته وي سي کي ڊڪٽيٽر نه ٿيڻ گهرجي تعليم دوستي جو ثبوت ڏيندي شاگردن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، اياز کوسو لکيو ته هزارين شاگردن لاءِ انتظاميا بي رحم بڻجي وئي آهي، استادن پاڻ ته پنهنجي مفادن لاءِ پروٽوڪول ۾ احتجاج ڪيا هئا. خان محمد سميجو لکيو ته اڄ به سنڌ ورستي ۾ ٽن هنڌن تي اسان جي رستا روڪ ٿي آهي اسان غريب شاگرد آهيون، دهشتگرد ناهيون.مرتضيٰ ڦل لکيو ته لڳي ائين ٿو ته شاگرد ڄڻ طالبان هجن وي سي کي پنهنجي ٻچن تي شفقت وارو رويو رکڻ کپي شاگرد سندس پنهنجي ئي اداري جا آھي انهن سان اهڙو سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي. ڪشور حميراڻي لکيو ته پوليس ڌرڻي جو گهيرو ڪري بيٺل آهي.