اسڪوٽر جو ٽڪر ڇو هنئي، ڳڙهي خيرو ۾ نوجوان وڙهي پيا، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

0
263

ڳڙهي خيرو ۾ موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ بعد ڏاهاڻي ۽ عمراڻي برادري جا نوجوان وچ شھر ۾ وڙھي پيا ، ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن سان حملي ۾ ٻه ڄڻا زخمي تٿي پيا، جھيڙي سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ بند ٿي وئي، جھيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب عبدالرسول عمراڻي ۽ منير ڏاھاڻي زخمي ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي ڳڙھي خيرو پوليس پهچي جھيڙيندڙ عبدالرسول عمراڻي، مريد ڏاھاڻي سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.