ڪي ايم سي اختيارين جي نااهلي: ايشيائي نسل جو ببر شينهن مري ويو

0
299

ڪراچي: ڪي ايم سي اختيارين جي نااهلي سبب جانور بک وگھي مرڻ لڳا جڏهن ته ايشيائي نسل جو ببر شينهن به مري ويو آهي. چڙيا گھر ۾ ٽن سالن کان ضبط ڪيل ايشيائي نسل جو شينهن بيمار رهڻ بعد مري ويو . وائلڊ لائيف کاتي جي اختيارين پاران سال 2017ع ۾ غيرقانوني طور تي ڪراچي آندل 2 شينهن ضبط ڪري چڙيا گھر ۾ رکيا ويا هئا . هڪ شينهن 2 سال اڳ مري ويو هو، ٻيو شينهن به ڪالهه چڙيا گھر ۾ مري ويو. ڪي ايم سي اختيارين جو موقف آهي ته شينهن دل جي دوري سبب مري ويو آهي، سندس طبعي عمر به پوري ٿي چڪي هئي.