اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي اعتراضن واپس وٺڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏنا ته عدالتي آرڊر ۾ ڊي جي آءِ بي کي نوٽيس ڪيو آهي ڇو نه اُن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس ۾ انٽيلجنس بيورو جي اعتراض جي واپس وٺڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. اسسٽنٽ اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته آءِ بي جي آڊيو ليڪس ۾ بينچ تي اعتراض وار درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا، جنهن تي جسٽس بابر ستار ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي اعتراض واري درخواست ته پهريان ئي رد ٿي چڪي آهي آرڊر ايندو ته اوهان کي ملي ويندو. جسٽس بار ستار چيو ته آرڊر ۾ اهو به پڇيو ويو ته ڪنهن درخواست داخل ڪرائڻ جي اٿارٽي ڏني هئي. جواب ڏيڻو آهي آرڊر اچڻ کانپوءِ ڏئي ڇڏجو.  عدالت آءِ بي پاران بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. آءِ بي سميت چئن ادارن جسٽس بابر ستار تي اعتراض ڪندي ڪيس مان الڳ ٿيڻ جي استدعا ڪئي هئي گذريل ٻڌڻي تي عدالت پيمرا، پي ٽي اي ۽ ايف آءِ اي جون درخواستون پنج پنج لک رپيا جرماني سان گڏ خارج ڪري ڇڏيون هيون.