ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيندي ئي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ، اجلاس شروع ٿيڻ وقت پي ٽي آءِ ايم پي اي ڊاڪٽر سعيد آفريدي چيو ته قاري صاحب کي درخواست آهي ته اسپيڪر صاحب جي تندرستي لاءِ دعا گھري وڃي، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اوهان کي ڪنهن چيو آهي ته آئون بيمار آهيان؟ هن پي ٽي آءِ ايم پي اي کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان منهنجو چيڪ اپ ڪيو آهي ته آئون بيمار آهيان؟  جنهن تي سعيد آفريدي چيو ته نه سر ! آئون اوهان جي تندرستي لاءِ دعاگو آهيان.