ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ايم پي اي  نصرت سحر عباسي جي بِنا موڪل تي ڪئناڊا وڃڻ وارو معاملو بحث هيٺ  آيو ، اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته نصرت سحر عباسي ڪئناڊا مان فون ڪري وضاحت ڏني آهي ته سندس ڄنگهه ڀڄي پئي آهي، جيئن ئي صحتياب ٿينديس ته واپس اچي وينديس. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته مون نصرت سحر عباسي کي چيو ته اوهان اجلاس ۾ ناهيو ته توهان جي پاسي واريون ڊيسڪون ويران آهن، ۽ خاموشي لڳي پئي آهي.