اسلام ڪوٽ (ن پ ا ) اسلام ڪوٽ ۾ هانءُ ڏاريندڙ حادثو، بس ٽرمينل لڳ تيز رفتار کيکڙو موٽرسائيڪل تي چڙهي ويو، نوجوان چيڀاٽجي فوت، واقعي بعد سوڳ ۾ شهر بند ٿي ويو. ڊرائيور فرار، ڪيس داخل نه ٿيو. تفصيل موجب ڪالھه اسلام ڪوٽ ۾ دردناڪ حادثو پيش آيو، شهر جي بس ٽرمينل وٽ حاجي سراج پيٽرول پمپ اڳيان تيز رفتار کيکڙو موٽرسائيڪل جي مٿان چڙهي ويو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 18 ورهين جو نوجوان واپاري اڳواڻ رام لال رامجياڻي جو ڀائيٽو راجيش ولد مهيش ڪمار لوهاڻو چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي نوجوان جو لاش کڻائي سرڪاري اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي. نوجوان جي اوچتو فوت ٿيڻ جي اطلاع تي سوين شهري اسپتال ۾ گڏ ٿي ويا ۽ سوڳ ۾ شهر جون ننڍيون وڏيون مارڪيٽون بند ٿي ويون. چيو وڃي ٿو. نوجوان موٽر سائيڪل تي ڪنهن ڪم سانگي بس ٽرمينل طرف وڃي رهيو هو ته اسلام ڪوٽ ٿرڪول باءِ پاس کان ايندڙ تيز رفتار کيکڙو مٿان چڙهي ويو، جنهن سبب نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.