اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ مختيارڪار جا ڇاپا، لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ وڌو ويو. تفصيل موجب سنڌ سرڪار پاران اعلانيل سمارٽ لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاء مختيارڪار اسلام ڪوٽ انور علي هنڱورجو پوليس کي ساڻ ڪري شهر جي مختلف مارڪيٽن ۾ اوچتا ڇاپا هنيا. لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن تي 500 کان 1000 رپين تائين ڏنڊ وڌو ويو. مختيارڪار جي ڇاپن وقت مارڪيٽ ۾ کليل دڪان ٿوري ئي دير ۾ ڌڙا ڌڙ بند ٿيڻ شروع ٿي ويا. ان موقعي تي مختيارڪار انور علي ٻڌايو ته لاڪ ڊائون دوران ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو، ڀڃڪڙي ڪندڙن تي اڄ ڏنڊ وڌو ويو آهي، ٻيهر ڀڃڪڙي ثابت ٿيڻ تي سندن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.