حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حالي روڊ جي ڪچي آبادي جي رهواسڻ اکين کان نابين مسمات شاهده پوليس پاران گهر مان زبردستي لڏائڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته سندس پورو گهراڻو اکين جي روشني کان محروم آهي جڏهن ته غربت سبب ڪچي آبادي ۾ قائم گهر ۾ رهن ٿا، جيڪو گهر پوليس ناجائز اڏاوت قرار ڏئي خالي ڪرائڻ ۽ گهر ڊاهڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي، هن چيو ته هو غريب ۽ مسڪين آهي سندن رهڻ لاءِ ٻي ڪا به جائيداد يا ملڪيت نه آهي ان لاءِ سندن گهر نه ڊاهيو وڃي،هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندن گهر ڊهڻ کان بچائي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.