فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد واسي کنڀي گُم ڪيل ظفر چانڊيو ۽ رياض خاصخيلي جي آزاديءَ لاءِ وارثن حاجي خان خاصخيلي،عارف عمر، اعجاز علي، فقير نثار، زاهد چانڊيو، علي چانڊيو، ذاڪر چانڊيو ۽ ٻين 108 ڏينهن به علامتي بُک ھڙتال جاري رکي. هنن دانهيون ته اسان جي نوجوانن رياض خاصخيلي کي 11 مهينا اڳ ڳوٺ الهڏنو تيوڻو مان بيگُناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن کي ھينئر تائين نه آزاد ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي کين ظاهر ڪيو ويو جنهن جو ڪيس هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ هلي رهيو آهي جڏهن ته ظفر چانڊيو کي 12 مهينا اڳ ڳوٺ مٿين اکڪڍائي مان بيگُناھ کنڀي گُم ڪيو ويو آهي، جنهن جي آزاديءَ لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر کين ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن جون امڙيون ۽ سندس اولاد پنهنجي پيارن جي آزاديءَ جا رستا ڏسي رهيا آهن ته ڪنهن مهل اسان جا ٻچا آزاد ٿي گهر پُهچندا. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، انساني حقن جي تنظيمن، چيف جسٽس آف سنڌ ۽ ٻين اعلي’ اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسانجي بيگُناھ نوجوانن رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ نوجوانن جي آزاديءَ تائين پُر امن احتجاج جاري رهندو.