ڪورونا جو خوف، بورس جانسن ڀارت جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

0
430

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) برطانيه جي وزيراعظم بورس جانسن ڀارت جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، برطانوي ميڊيا موجب وزيراعظم بورس جانسن ڀارت ۾ وڌندر ڪورونا ڪيسز جي ڪري پنهنجو دورو ملتوي ڪيو، واضح رهي ته ڀارت ۾ گذريل 5 ڏينهن کان لاڳيتو ٻن لکن کان وڌيڪ ڪورونا جا ڪيسز رپورٽ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته گادي واري شهر نئين دهلي ۾ اسپتالن ۾ ڪورونا مريِضن لاءِ بسترا به کُٽي پيا، ڀارت ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد هڪ ڪروڙ 50 لک جي ويجهو آهي.