اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گوڙهيار ۾ باھ لڳڻ سبب رمضان، بابو درس،عثمان درس،محمد سليمان درس ۽ محمد رحيم اوٺو جا ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته باھ لڳڻ بعد گهرن اندر بيٺل 3 ڇيلا پُڻ سڙي مري ويا، ڳوٺاڻن موجب باهه سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي، کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.