اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اُستادن جي ڀرتين واري پاليسي ۾ اسلام ڪوٽ جي ٻهراڙي يوسي کي هارڊ ايريا ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف استادن جي ٽيسٽ ڏيندڙ نوجوانن جان محمد بجير، شفي محمد بجير،گيان،دولت ،ممتاز،جهامن، لکا ڏنو، لجپت ۽ ٻين ٻي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اميدوارن چيو ته يوسي ٻهراڙي کي هارڊ ايريا يوسيز ۾ شامل نه ڪري اسان سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، نوٽيس وٺي يوسي ٻهراڙي کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو وڃي.