اسلام آباد ۾ برسات جي تباهي: ڀت ڪرڻ ۽ مختلف واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي

0
369

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ طوفاني وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، ڀت ڪرڻ ۽ مختلف واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

 اسلام آباد ۽ راولپنڊي وچ ۾ گولڙه موڙ وٽ انڊر باءِ پاس جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 11 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا آهن

 پوليس جو چوڻ آهي ته انڊر باءِ پاس جي حفاظت لاءِ ٺاهيل هڪ سئو فوٽ ڊگهي ۽ 11 فوٽ اوچي ڀت اوچتو ڊهڻ سبب حادثو پيش آيو، مزدور ڀت وٽ ٽينٽ لڳائي رهيا هئا ته ڀت ڪري پئي

Videos and photos show devastation in Pakistan after floods kill 900 - The Washington Post

 وسڪاري دوران محمد ٽائون جي علائقي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 11 سالن جي نينگري ۽ سندس ماءُ دٻجي فوت، اسلام آباد جي موٽر وي ايم ون تي برسات دوران چار بسون ۽ هڪ ڪار پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيااسلام آباد میں موسلا دھار بارش، دیوار گرنے کے واقعات میں بچی سمیت 13 افراد جاں بحق

 وسڪارن سبب راولپنڊي جو نالا لئي ڀرجي ويو، ڪيترائي هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي ويا، نالا لئي جي علائقي ۾ فوجي جٿا مقرر ڪيا ويا، شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي