اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
33

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جسٽس ثمن رفعت امتياز شيرين مزاري جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، شيرين مزاري پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت آڏو پيش ٿي

نيب جي پراسيڪيوٽر رافع مقصود عدالت کي ٻڌايو ته اسان گذريل مهيني ئي شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي هئي، شيرين مزاري 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ جوابدار نه هئي

 اسسٽنٽ اٽارني جنرل جو به چوڻ آهي ته 27 مارچ تي وزيراعظم کي خط لکي آگاهه ڪيو ويو هو

 جسٽس ثمن رفعت امتياز رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪابينا وٽ ٻيا به گهڻا ڪم آهن، اهو ڪم اسان ڪري ٿا ڇڏيون، عدالت شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي