ناليواري ورسٽائيل اداڪار انور سولنگي جي وڇوڙي کي 16 سال گذري ويا

0
50
ناليواري ورسٽائيل اداڪار انور سولنگي جي وڇوڙي کي 16 سال گذري ويا
ناليواري ورسٽائيل اداڪار انور سولنگي جي وڇوڙي کي 16 سال گذري ويا

سنڌ جي ناليواري ورسٽائيل اداڪار انور سولنگي جي وڇوڙي کي 16 سال گذري ويا، انور سولنگي جا ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ادا ڪيل ڪردار اڄ به ماڻهن کي ياد آهن

 انور سولنگي 1970 ۾ ريڊيو کان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي، 1974 ۾ پي ٽي وي جي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ تي انور سولنگي سموري سنڌ ۾ شهرت ماڻي، هن ٽي وي ۽ ريڊيو جي 5 سئو کان وڌيڪ ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪيا

 انور سولنگي مشهور فلمن ۽ ڊرامن پرو، راني ڪي ڪهاني، ڇوٽي سي دنيا، ديوارين، جنگل، هوائين ۽ ماروي ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا

 انور سولنگي 4 اپريل 2008 تي 64 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو، سندس مڙهه ڪراچي جي سخي حسن قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو