اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو 12 سال اقتداري دور پورو ٿيو

0
558

تل ابيب: اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جو 12 سالن جو اقتداري دور ختم ٿي چڪو آهي، جنهن تي تل ابيب ۾ جشن ملهايو ويو. ميڊيا رپورٽن مطابق اسرائيل جي اپوزيشن پارٽين نئين اتحادي حڪومت قائم ڪئي آهي ، جنهن کي اسرائيلي پارليامينٽ پڻ منظور ڪري چڪي آهي. انتهائي ساڄي ڌر جو اڳواڻ نفتالي بينيٽ نئون وزيراعظم بڻجندو ۽ معاهدي جي تحت ٻن سالن بعد سيڪيولر اڳواڻ ۽ اتحادي شراڪت دار يائر لپڊ وزيراعظم جو عهدو سنڀاليندو.