راڻيپور (ن پ ا)ريلوي اسٽيشن جي رهواسين جو گندو پاڻي روڊن تي بيهڻ صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج جي اڳواڻي قلندربخش ڄامڙو فياض حسين پرويز احمد ڪري رهيا هيا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل هڪ هفتي کان صفائي نه ٿي جنهن ڪري ناليون اٿليون پيون آھن اسان ٽائون انتظاميا کي فونون ڪيون آھن پر ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي اسان اي سي سوڀوديرو کي اپيل ٿا ڪيون ته ريلوي اسٽيشن محلي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو هوڏانهن سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ تي ٽائون آفيسر راڻيپور ريلوي اسٽيشن تي پهچي بند پيل ناليون کولرايون ان موقعي تي ٽائون آفيسر ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي اول ترجيح عوام کي فائدو پهچائڻ آھي ۽ شھر جي صفائي ڪرائي جيئن عوام کي فائدو ڏئي سگهون