خيرپور (رپورٽر) مديجي جي رهواسڻ ناري شمائلا ڌيءَ الطاف حسين ميمڻ ۽ عمران علي ولد محمد اسلم ابڙو صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته مرضيءَ سان شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي پرناري مسمات شمائلا جا مائٽ ان ڳالهه تان ناراض ٿي اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري جان بچائڻ خاطر دربدري جو شڪار آهيون. تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.