اسان چئون ٿا ته ويهي ڳالهيون ڪريو پر حڪمران ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهن:خورشيد شاهه

0
317
خورشيد شاهه پاران ضمانت

سکر (بيورو رپورٽ) حڪمران پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهن ٿا، اسان چئون ٿا ته ويهي ڳالهيون ڪريو پر حڪمران ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، آرمي چيف جي ڪوششن باوجود حڪومت ڪشمير مسئلي تي اپوزيشن سان ڳالهيون نه ڪيون، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪنهن جماعت تي پابندي لڳائڻي آهي ته اُهو مامرو اسيمبلي ۾ آندو وڃي، 32 سالن جي ڪيريئر ۾ اهڙي بدترين پارليامينٽ ڪڏهن نه ڏٺي آهي، پارليامينٽ کي مڇي مارڪيٽ بڻايو ويو آهي، اُتي سيلرز ويٺا آهن.