لاهور(م ڊ) سينئر صحافي دعويٰ ڪئي آهي ته ارشد شريف ڪينيا ۾ جنهن فارم هائوس ۾ رهيو ان جو مالڪ  عمران خان آهي ۽ سلمان اقبال جي نالي تي آهي جيڪو سندس فرنٽ مين آهي. ويب ٽي وي سان ڳالهائيندي سينئر صحافي رضوان رضي عرف رضي دادا چيو ته حڪومت وٽ اها خبر ڪنفرم ٿي چڪي آهي ته ڪينيا ۾ موجود خرم احمد ۽ وقار احمد ارشد شريف جا ميزبان هئا ۽ اهي سندس موت وقت به گاڏي ۾ موجود هئا. انهن جو واسطو ايم ڪيو ايم سان هو ۽ ڪنهن زماني ۾ اهي ايم ڪيو ايم جا ٽارگيٽ ڪلر هئا. هن چيو ته ٻئي پاڻ ۾ ڀائر آهن ڪراچي ۾ رهندا هئا، کين ڪراچي مان ڏکڻ آفريڪا رستي ڪينيا اماڻي آباد ڪرايو ويو، ارشد شريف جي قتل بعد سندن والد ڪراچي واري گهر مان فرار ٿي ويو آهي. ٻنهي ڀائرن جو اي آر واءِ وارن سان به رابطو هو. هن چيو ته اي آر واءِ جو سلمان اقبال ان اثاثي جي حوالي سان ڪنهن جو فرنٽ مين آهي جتي ارشد شريف کي رهايو ويو هو. اهو فارم هائوس سلمان اقبال جي نالي آهي پر هو ان جو مالڪ نه آهي. جنهن جي ملڪيت آهي ان ارشد شريف جي موت جي خبر ٻڌندي ئي لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.