شاهدره (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين پاران ڳالهين جو اختيار صدر علوي حوالي، عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي نه ضرورت پهرين هئي نه هاڻي آهي، آرمي چيف کي مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي پر مونکي هٽائڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئا، ايوان صدر ۾ ملاقات جو هڪ ئي مقصد هو ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي، تحريڪ انصاف جو  لبرٽي چوڪ لاهور کان نڪتل حقيقي آزادي مارچ ڪالهه ٻئي ڏينهن شاهدرا کان عمران خان جي قيادت ۾ اسلام آباد لاءِ روان دوان ٿيو، جيڪو مختلف علائقن مان ٿيندو رچنا ٽائون تي پهتو، جڏهن ته لانگ مارچ اڄ مريدڪي کان منزل طرف سفر شروع ڪندو، لانگ مارچ ۾ عورتون، ٻار، پيرسن توڙي ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شامل آهن، امپورٽڊ حڪومت نامنظور جي نعرن جي گونج رهي. لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته آئون رڳو اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ نڪتو آهيان ته آزادي ڇا هوندي آهي، غلام رڳو سٺو غلام بڻجندو آهي جڏهن ته آزاد انسان دنيا تي حڪومت ڪندا آهن. هن چيو ته پهريان شهباز گِل کي کنڀيو ويو،وري 75 ورهين جي سينيٽر اعظم سواتي کي کنڀي، مٿس تشدد ڪيو ويو، اعظم سواتي کي پوٽن پوٽين آڏو تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جيڪڏهن گل واري واقعي تي قدم کنيا وڃن ها ته اعظم سواتي تي تشدد جو واقعو نه ٿئي ها، سڄي دنيا اهڙي عمل تي تنقيد ڪئي وئي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيف جسٽس پاڪستان کان اعظم سواتي تي تشدد جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان اوهان جو ڪم بنيادي حقن جي حفاظت ڪرڻ آهي، قوم اوهان ڏانهن ڏسي رهي آهي، حراست دوران تشدد خلاف سڄي دنيا ۾ قدم کنيو ويندو آهي، جيڪڏهن اوهان نه ته پوءِ ڪير اسانجي بنيادي حقن جو تحفظ ڪندو. عمران خان چيو ته آئون پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان انسان آهيون، رڍون ۽ ٻڪريون نه آهيون، پهريان اسان کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف، آصف زرداري شهباز شريف چور آهن، پوءِ وري انهن کي ئي قوم مٿان مڙهيو ويو، اسان رڍون ٻڪريون نه آهيون جو اوهان جو فيصلو قبول ڪري وٺون. ان کان اڳ لانگ مارچ دوران هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت نه پهرين هئي نه وري هاڻ آهي، منهنجي طرفان آرمي چيف کي ملازمت ۾ واڌ ڏيڻ جي آڇ تائين هو اهو فيصلو ڪري چڪا هئا ته رجيم چينج کي نه روڪيندا، هي روڪي سگهن پيا،ڇاڪاڻ هنن وٽ طاقت هئي پر هنن نه روڪيو، مقامي هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان ايوان صدر ۾ ٿيل ملاقات بابت چيو ته ملاقات لڪي نه ڪئي هئي، رڳو ان کي پبلڪ نه ڪيو ويو هو، ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ملاقات جو مقصد صرف صاف ۽ شفاف اليڪشن هو. عمران خان آرمي چيف کي مدي ۾ واڌ جي آڇ بابت ٻڌايو ته مون جنرل باجوا کي چيو ته جيڪڏهن مدي ۾ واڌ جي ڳالهه آهي يا آرمي چيف جي چونڊ سبب هي سموري عدم استحڪام آهي ته اسان کي ٻڌايو، آئون ته پهرين ئي آرمي چيف جي ميرٽ تي مقرري چاهي پئي.

ڪراچي: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کي بيوقوفاڻي قرار ڏيندي چيو آهي ته سچ جي نالي تي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪوڙ ۽ اڌ سچ ڳالهايو ويو، گهڻو ڪجهه حقيقتن کان هٽي پيش ڪيو ويو. لانگ مارچ کانپوءِ عمران خان کي بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيترن ئي ڳالهين تي کُلي ڳالهايو. آءِ ايس آءِ ۽ آءِ ايس پي آر سربراهن پاران تازو ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هلندڙ سال مارچ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي اڻڄاڻايل مدي تائين نوڪري جي مدي ۾ واڌ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، جنهن کي رد ڪيو ويو. ان دعويٰ بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته هي جيڪا هنن سچ جي نالي تي پريس ڪانفرنس ڪئي، ان ۾ ڪيترائي ڪوڙ آهن ۽ اڌ سچ آهن، ٽوڙي مروڙي شيون کنيون ويون آهن ته اسان مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪئي، اهو ٻڌايو ته ڪهڙي پاسي کان آڇ هئي، ڪهڙي پسمنظر ۾ ڳالهه ٿي رهي هئي، جيڪڏهن پوريون ڳالهيون ٻڌائن ته انهن سڀني لاءِ شرمناڪ هونديون. عمران خان چيو ته هي سڀ افسوسناڪ آهي، ڇاڪاڻ ڪڏهن به ڊي جي آءِ ايس آءِ اهڙي قسم جي پريس ڪانفرنس ناهي ڪندو، آئون هڪ هڪ نقطي جو جواب ڏئي سگهان ٿو، جيڪو فوج کي شرمنده ڪري سگهي ٿو پر اسان نه ٿا چاهيون ته فوج جي اداري کي نقصان پهچي، ڇاڪاڻ اهو اسانجو دشمن چاهي ٿو ته فوج ڪمزور ٿئي ۽ پاڪستان ڪمزور ٿئي. آرمي چيف جون ماضي ۾ تعاريفون ڪرڻ واري سوال تي تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته جتي هي سٺيون شيون ڪندا، اسان تعاريف ڪنداسين، اها ته ٻارن واري ڳالهه ٿئي ته اسان اوهان جي تعارف ڪئي ته اوهان هميشه لاءِ سٺا ٿي ويا، اوهان پنهنجي ٻارن کي به تعريف ڪندا آهيو پر جڏهن خراب ڪم ڪندا آهن ته اوهان تنقيد به ڪندا آهيو، هي دراصل وڏي بيوقوفاڻي پريس ڪانفرنس هئي. اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن ۽ مستقبل جي حوالي سان سوال تي عمران خان جو چوڻ هو ته آئون اسٽيبلشمينٽ جي منظوري سان حڪومت ۾ نه ٿو اچڻ چاهيان، 2018ع جي اليڪشن به اسان کي ڪنهن نه کٽرائي هئي، اسانجو هاڻ مقصد صرف ملڪ ۾ شفاف اليڪشن آهي، اسان ته ان ڪري ووٽنگ مشين آڻڻ پئي چاهي جو ان سان ڌانڌلي جا 160 مان 130 طريقا ختم ٿي وڃن ها، ٻن وڏين سياسي جماعتن ووٽنگ مشين آڻڻ نه ڏني، چيف اليڪشن ڪمشنر به مشين نه آڻڻ ڏني، ڇاڪاڻ هو ڪنهن ٻئي هنڌان حڪم وٺندو آهي، ان ڪري ئي اسانجي اليڪشن سدائين تڪراري رهندي ۽ ان ۾ مداخلت جا موقعا موجود رهندا. سينيٽر اعظم سواتي پاران ٻن آءِ ايس آءِ عهديدارن تي تشدد واري الزام تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان جنرل باجوا کي چيو آهي ته اوهان بلاول جي چوڻ تي ڪراچي ۾ هڪ سيڪٽر انچارج کي هٽايو، هاڻ اعظم سواتي جن آفيسرن جا نالا کنيا آهن، انهن خلاف به قدم کڻو، آرمي چيف جيڪڏهن اداري جي ساک جو تحفظ ڪرڻ چاهي ٿو ته قدم کڻي. هڪ سوال تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته اسانجو هڪ ئي مقصد آهي ته صاف ۽ شفاف الڪيشن ڪرائي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ اها حڪومت هجي، جنهن کي ملڪ جو عوام چونڊي، اليڪشن ذريعي اچي، اسلام آباد ۾ عوام جيتري تعداد ۾ گڏ ٿيندو، اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هوندو، اها منهنجي اڳڪٿي آهي، آئون عوام جي نبض ڄاڻان ٿو. ڇا اليڪشن کانسواءِ به تحريڪ جو ڪو مقصد آهي؟ ان سوال تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسانجو مقصد صرف اليڪشن آهي پر حقيقي آزادي جي تحريڪ جو مقصد آهي ته پاڪستان جا فيصلا پاڪستان ۾ ٿين، ڪير ٻاهران اسان کي ڊڪٽيٽ نه ڪري ته اڄ هنن فيصلو ڪيو ته اسان دهشتگردي خلاف جنگ اتي وڃي وڙهون ۽ پنهنجا 80 هزار ماڻهو قربان ڪري ڇڏيون، روس کان ڀارت سستو تيل وٺي رهيو آهي ته پاڪستان کي اجازت ڇو ناهي؟ آئون آزاد پرڏيهي پاليسي چاهيان ٿو. هن چيو ته ٻيو آئون قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو، هتي جهنگ جو قانون آهي، اسانجي ماڻهن کي کنيو ويندو آهي، تشدد ڪيو ويندو آهي، جنسي تشدد ڪيو ويندو آهي، جيل ۾ تشدد ڪيو ويندو آهي ۽ ماڻهو نالو کڻندي ڊڄندا آهن، جيڪو هي ڪري رهيا آهن، ان کانسواءِ صحافين سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، اي آر واءِ کي بند ڪيو ويو، جيڪو اسانجي حق ۾ لکي ٿو ان جي پويان پئجي وڃن ٿا، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ کي کنڀي ماريو، انهن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، ان کانپوءِ هي جيڪو ارشد شريف جو واقعو ٿيو آهي، اهوسڀ ان ملڪ ۾ ٿيندو آهي، جتي قانون جي حڪمراني ناهي هوندي، ان کان اڳ عمران خان چيو آهي ته صدر کي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڳالهائڻ چاهي ته توهان ڳالهايو، ڳالهايون هلنديون رهنداسين، اسان اسلام آباد پهچنداسين، عمران خان چيو ته لاهور ۾ منهنجي ملاقات جا افواهه پکيڙيا پيا وڃن، لانگ مارچ مارچ ڇڏي لاهور وڃڻ وارين خبرن تي عمران خان چيو ته اسانجي واپسي جو سبب اهو هو ته لاهور ويجهو هو ۽ اسان رات جو مارچ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، 6 مهينن کان هڪ ئي مطالبو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي.