اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان ڳالهين واري تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آھي، وفاقي حڪومت پاران وزير اعظم پاران قائم ڪيل 13 رڪني ڪاميٽي جي قائم ٿيڻ بابت واضح ڪندي چيو آھي ته لانگ مارچ سبب پيدا ٿيندڙ تمام صورتحال تي غور ڪرڻ آھي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سياست ۾ ڳالهين جو آپشن هميشه رهندو آھي پر ڳالهيون سياستدانن سان ٿي سگهن ٿيون، پرڏيهي فنڊ وٺندڙ فتني سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، گارين، ڌمڪين ، ۽ ڌونس سان چونڊن جي تاريخ نٿي ملي سگهي ،چونڊون پنهنجي مقرر وقت ۾ ئي ٿينديون، هن چيو ته روڊن تي ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، ڇا ملڪي مفادن سان کيڏڻ واري سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن؟ خوني مارچ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن سان ڳالهيون نه ٿينديون، هن چيو ته 25 مئي 2022 تي  به مارچ دوران هٿيارن سان ماڻهو پڪڙيا ويا هئا، عمران خان جيڪو به ڪرڻ چاهي ڪري ان جو ڪو اثر نه ٿيندو اڻ وڻندڙ ڪو واقعو ٿيو ته عمران ذميوار هوندو، گهرو وزير رانا ثناءُ الله پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته منهنجي سربراهي ۾ 13 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آھي جيڪا لانگ مارچ جي نگراني ڪندي، امن امان جو جائزو وٺندي، هن چيو ته هي بندوقون گڏ ڪن پيا ڇا اسان انهن سان ڳالهين لاءِ ويندا سين؟ هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ فواد ڳالهين لاءِ چيو ۽ اڄ چوي پيا ته اسان گهٻرائجي ويا آهيون، اسان پاران فسادين سان ڳالهيون نه ٿينديون، رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ڪهڙي منهن سان چئي رهيو آهي ته پرامن مارچ ڪري رهيو آهيان، ان کي شرم اچڻ گهرجي ته ان جي اندروني ڪهاڻي هڪ شخص ٻاهر ڪڍي ته ان کي ٽئين ڏينهن تي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو، اهو بندوقن سان ڇا ڪندو؟  ڇا بندوقن سان هي امن جو پيغام ڦهلائيندا، هڪ شيطاني مارچ ڪرڻ چاهي ط، رانا ثناءُالله حڪومت عمران خان کي ڳالهين جي ڪابه آڇ نه ڪئي آهي.