ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو گورنر ڪامران ٽسوري حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهچي ويو، ترجمان موجب سنڌ جي گورنر ۽ پير پاڳاري وچ ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي گورنر پير پاڳاري کي چيو ته کيس فرضن جي ادائگي ۾  سندس رهنمائي جي ضرورت آهي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان سنڌ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان، ان موقعي تي پير پاڳاري سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو سندس ڪاميابي لاءِ دعاگو آهي.