ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاهه آزاد

0
237

نوجوان ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاهه آزاد ٿي ويو آهي

جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته  رحيم شاهه کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جيڪا مڪمل ٿي وئي

رحيم شاهه کي سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو، رحيم شاهه تي قتل ۽ دهشتگردي جو ڏوهه عدالت ۾ثابت نه ٿيو هو

 عدالت طرفان رليز آرڊر جاري ڪرڻ بعد رحيم شاهه کي آزاد ڪيو ويو آهي

 ارشاد رانجهاڻي ڪيس جي وڪيل محمد خان شيخ پاران جوابدار جي آزادي واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

محمد خان شيخ جو چوڻ آهي ته ڪيس مينيج ٿيل هو، جيل انتظاميا قيدين کي ملندڙ معافي جو جواز بڻائي جوابدار کي آزاد ڪيو آھي، رحيم شاهه جي آزادي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو فيصلو اچي ويو، جوابدار رحيم شاهه کي قيد جي سزا