ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور شاعر جاويد اختر جو چوڻ آهي ته اردو لپي جي خاتمي جي ذميدار حڪومت ناهي پاڻ اردو جا ٺيڪيدار آهن، جاويد اختر هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته اردو کي رڳو مسلمانن ۽ هندي کي رڳو هندن جي زبان چوڻ درست ناهي، اردو رڳو مسلمانن جي زبان ناهي، ان کي سياسي بنيادن تي رڳو مسلمانن سان منسوب ڪيو ويو آهي، اردو جي زوال ۽ اردو لپي ختم ٿيڻ جا ذميدار اهي ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ کي اردو زبان جو ٺيڪيدار سمجهن ٿا، بالي ووڊ جي ڪيترن ئي مشهور گانن جي خالق جاويد اختر جو وڌيڪ چوڻ هيو ته زبان جو تعلق مذهب سان نه خطي سان هوندو آهي، جيڪڏهن زبان مذهب سان هجي ها ته پورو يورپ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ مسيحي رڳو انگريزي ڳالهائين ها پر ايئن ناهي، جاويد اختر جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اردو ڪنهن ٻي جڳهه کان ناهي آئي پر اها اسان جي پنهنجي زبان آهي ۽ هندوستان ۽ پاڪستان ۾ ڳالهائيندي ويندي آهي، هن خطي کان ٻاهر ناهي.